حاجي عبداللطيف شاهه قادري

حاجي عبداللطيف شاهه قادري: شڪارپور جو هيءُ صوفي بزرگ، فقير الله علويءَ جو دوست هو. جڏهن فقير الله، شڪارپور ۾ سڪونت اختيار ڪئي. تڏهن شروع ۾ شهر کان ٻاهر لکيدر جي ڏکڻ طرف هڪ خانقاهه جو بنياد رکيائين ۽ ڀرسان ئي هڪ مسجد به تعمير ڪرايائين. جيڪا پوءِ اڳتي هلي ’حاجي فقير الله علويءَ جي لکيدر واري مسجد‘ جي نالي سان مشهور ٿي. شهر ۾ قيام کان پوءِ حاجي صاحب جي مرضي هئي ته کيس وفات کان پوءِ اتي ئي دفن ڪيو وڃي، سندس هڪ پيارو ۽ هم مشرب دوست حاجي عبداللطيف شاهه قادري وٽس اچي مهمان ٿيو ۽ قضا الاهيءَ سان بيمار ٿي پيو ۽ گذاري ويو. ان وقت حاجي شاهه فقير علوي ان حديث شريف تي عمل ڪيو ته مؤمن اهو آهي جيڪو پنهنجي ڀاءُ ۽ دوست لاءِ به اهو پسند ڪري، جيڪو پنهنجي لاءِ پسند ڪري، ان ڪري پنهنجي وصيعت واري جاءِ تي پنهنجي دوست کي دفن ڪرايائين. مقامي ماڻهن ۾ هي صوفي بزرگ شاهه قادريءَ جي نالي سان مشهور آهي. هيءُ صوفي منش، نهايت نيڪ، عابد زاهد ۽ تصوف جي رنگ ۾ رڱيل صاحب معرفت انسان هو. سندس مزار اڄ به عام ماڻهن جي توجهه جو خاص مرڪز آهي.


لفظ حاجي عبداللطيف شاهه قادريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو